SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نفسياتي تنقيد


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

نفسياتي تنقيد

(Psychological Criticism)

نفسياتي تنقيد جو اهم قسم ۽ طريقو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي لکڻين مان خود ليکڪ جو نفسياتي جائزو ورتو وڃي يا ائين چئجي ته ليکڪ جي نفسياتي صورتحال کي ڌيان ۾ رکي سندس شهپاري جو مطالعو ڪيو وڃي. نفسياتي تنقيد جو وجود اوڻويهين صدي عيسويءَ ۾ پيو، جڏهن ناليواري نفسيات دان سگمنڊ فرائيڊ، نفسيات جي علم کي فلسفي کان ڌار ڪري هڪ جدا علم جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايو. نفسياتي تنقيد ۽ ٻين قسمن جي تنقيدن ۾ فرق اهو آهي ته ٻين تنقيدن ڪن فڪري لاڙن ۽ تحريڪن مان جنم ورتو آهي. جڏهن ته نفسياتي تنقيد علم نفسيات جي هڪ ضمني شاخ آهي. جديد نفسيات ۾ شخصي تصورن جو رجحان ۽ ادب ۽ ٻين تخليقي فنن جو تجزيو ڪرڻ نفسيات جي اڀياس ۾ شامل آهي تنهنڪري نفسياتي تنقيد ٻين تنقيدن جي ڀيٽ ۾ ادب ۽ فن جي وڌيڪ ويجهو آهي. ادب لاشعور جي پيداوار هوندو آهي تنهنڪري ادب تي صحيح معنيٰ ۾ تنقيد توڙي تحقيق به نفسياتي اصولن تحت لاشعوري محرڪن جي ڳولا ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿي. ٻي صورت ۾ ڪيل تنقيد ۽ تحقيق محض سطحي محسوس ٿيندي.نفسياتي مطالعي جا به ڪيترائي پهلو ٿين ٿا، جيئن ليکڪ جو نفسياتي مطالعو. سندس تخليقي عمل جو مطالعو ، تصنيف جي ڪردارن يا موضوعن جو مطالعو ، تصنيف جو پڙهندڙ تي اثر ۽ ان جو مطالعو وغيره. نفسياتي تنقيد اڪثر ڊرامي جي فن سان لاڳو ٿئي ٿي، جنهن ۾ وري خاص طور تي ڪردار ۽ ڪردار نگاريءَ تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو ۽ انهيءَ ذريعي ليکڪ جي شخصيت جو نفسياتي مطالعو ڪيو ويندو آهي.


Remember Me Also:

ڇاڳل

ث. ٻَڪريءَ جي کَل مان ٺهيل ساندارِي جا پاڻي وجهڻ يا سيڻاهه طور ڪم اچي. ڍورِي. ڍنڍ. هُنر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal